Saturday, December 7, 2013

ناطق عددن جي مونجھ

ناطق عددن جي مونجھ

ستين ڪلاس جي سنڌي ميڊيم واري رياضي جي ڪتاب جي مشق 3.5 جي مثالن ۽ مشقن ۾ ناطق عددن کي ڪجھ اهڙي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي،جيڪو منجھائيندڙ آهي.ڪجھ ته ڇپائي جون غلطيون ٿي سگھن ٿيون.
ان ۾ موجود مسئلن جي نشاندهي ڪري ،هرهڪ جي لاءِ الڳ الڳ تجويز هيٺ ڏجي ٿي.

رياضي    ستين ڪلاس لاءِ


شايع ڪندڙ   سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ،ڄام شورو سنڌ

ڇپجڻ جو سال ۽ مهينو                                    feburary 2013

ڇاپو پهريون



صفحو نمبر 43


نشاندهي نمبر1

ڪتاب ۾ لکيل
سڀني ناطق عددن کي هيٺين ٻن قسمن ۾ لکبو آهي.
(i) کٽندڙ ڏهائي اڻپور        (ii) تڪراري ڏهائي اڻپور
مسئلو نمبر 1
ڇا مٿي لکيل ڪتاب واري ڳاله بلڪل صحيح آهي؟ ڇا سڀني ناطق عددن کي انهن ئي ٻن قسمن ۾ لکبوآهي؟ يقينن ائين نه آهي.جيتوڻيڪ اهي ڏهائي اڻپور جا ٻئي قسم ناطق عدد ئي آهن،پر ان کانسواءِ ٻيا به ناطق عدد آهن،جيئن سڄا عدد،ٻڙي،عام اڻپور.تنهنڪري ڪتاب ۾ لکيل ٻئي بيان هڪٻئي سان مطابقت نه ٿا رکن.
تجويز نمبر 1
ڪتاب ۾ اها ڳاله هن طرح لکڻ گھرجي.
سڀني ڏهائي اڻپور ناطق عددن کي هيٺين ٻن قسمن ۾ لکبو آهي.
(i) کٽندڙ ڏهائي اڻپور    (ii) تڪراري ڏهائي اڻپور


نشاندهي نمبر 2

ڪتاب ۾ لکيل
کٽندڙ ۽ تڪراري ڏهائي اڻپورن کي ناطق عددن ۾ ظاهر ڪرڻ
مسئلو نمبر 2
ڇا کٽندڙ ۽ تڪراري ڏهائي اڻپور ناطق عدد نه آهن؟ يقينن اهي ناطق عدد آهن.مٿي ڄاڻايل ڪتابي لکت مان ائين لڳي ٿو ته کٽندڙ ۽ تڪراري ڏهائي اڻپور ناطق عدد نه آهن،پر تبديل ڪري جنهن شڪل ۾ ظاهر ڪبا صرف اها ئي ناطق عدد هوندي.
تجويز نمبر 2
ڪتاب ۾ هيئن لکڻ گھرجي.
کٽندڙ ۽ تڪراري اڻپور ناطق عددن کي عام اڻپور ناطق عددن ۾ ظاهر ڪرڻ

صفحو نمبر44

 نشاندهي نمبر 3

ڪتاب ۾ لکيل
هيٺين کي ناطق عددن ۾ ظاهر ڪريو.
(i) 0.35        (ii) 2.01
مسئلو نمبر 3
هتي به ڪتابي بيان ۾ ائين لڳي ٿو ته هيٺ ڏنل عدد ناطق نه آهن،پر جنهن صورت ۾ تبديل ڪري ظاهر ڪبا صرف سا ئي صورت ناطق عدد هوندي
تجويز نمبر 3
ڪتاب ۾ هيئن لکڻ گھرجي.
هيٺين کٽندڙ ڏهائي اڻپور ناطق عددن کي عام اڻپور ناطق عددن ۾ ظاهرڪريو يا تبديل ڪريو يا مٽايو.

نشاندهي نمبر 4

ڪتاب ۾ لکيل
هيٺين تڪراري ڏهائي اڻپورن کي ناطق عددن ۾ لکو.
مسئلو نمبر 4
هتي لکيل ڪتابي  سٽ مان اهو ظاهر پيو ٿئي ته تڪراري اڻپور ناطق عدد نه آهن،پر جنهن صورت ۾  لکبا سان ناطق عدد هوندي.جيئن ته تڪراري اڻپور به ناطق عدد آهن،تنهنڪري اها سٽ به منجھائيندڙ آهي.
تجويز نمبر 4
ڪتاب ۾ هيئن لکڻ گھرجي.
هيٺين تڪراري ڏهائي اڻپور ناطق عددن کي عام اڻپور ناطق عددن ۾ لکو.

صفحو نمبر 45


نشاندهي نمبر 5

ڪتاب ۾ لکيل
هيٺين ناطق عددن کي ڏهائي اڻپور ۾ تبديل ڪريو ۽
(i) 4/5 (ii) 6/7
مسئلو نمبر 5
اهي ناطق عدد جنهن ڏهائي اڻپور ۾ تبديل ٿيندا اهي به ته ناطق عدد هوندا.
تجويز نمبر 5
ڪتاب ۾ هيئن لکڻ گھرجي.
هيٺين عام اڻپور ناطق عددن کي ڏهائي اڻپور ناطق عددن ۾ تبديل ڪريو.

نشاندهي نمبر 6
ڪتاب ۾ لکيل
هيٺين کي ناطق عددن ۾ لکو.

مسئلو نمبر6
هيٺ لکيل عدد به ته ناطق عدد ئي آهن.
تجويز نمبر 6
ڪتاب ۾ هيئن لکڻ گھرجي.
هيٺين تڪراري اڻپور ناطق عددن کي عام اڻپور ناطق عددن ۾ لکو.

نشاندهي نمبر 7
ڪتاب ۾ لکيل
هيٺين تڪراري اڻپورن کي ناطق عدد جي شڪل ۾ ظاهرڪريو.
(i) 2.50      (ii)  100.001

مسئلو نمبر 7
پهرين ڳاله ته هيٺ ڄاڻايل تڪراري اڻپور نه آهن،پر اهي کٽندڙ اڻپور آهن.ٻئي ڳاله ته اهي اڻپور پاڻ به ته ناطق عدد ئي آهن.
تجويز نمبر 7
ڪتاب ۾ هيئن لکڻ گھرجي.
هيٺين کٽندڙ ڏهائي اڻپورناطق عددن کي عام اڻپور ناطق عددن جي شڪل ۾ ظاهر ڪريو. 



نوٽ. تصويرون ننڍيون يا اڻ چٽيون لڳن ته انهن کي ڪلڪ ڪري وڏو ڪري سگھجي ٿو.




Sunday, December 1, 2013

پيش لفظ

 پيش لفظ
        مون کي ڪافي وقت کان اها ضرورت محسوس ٿيندي آهي ته رياضي جي بنيادي تصورن  کي جيڪي پهرين درجي کان وٺي ڏهين درجي تائين جي سنڌي ميڊيم جي نصابي ڪتابن ۾ بيان ڪيل آهن،وڌيڪ آسان ڪري بيان ڪري سگھجي ٿو.ٻيو اهو ته رياضيءَ جي نصابي ڪتابن ۾ جيڪو ڇپائي جو غلطيون رهجي وڃن ٿيون،تن کي هتي بيان ڪري انهن جي تصحيح ڪريان. اهو به تمام ضروري آهي،ڇا ڪاڻ ته مون استادن کي انهن ڇپائي جي غلطين جي ڪري تمام گھڻو پريشان ٿيندي ڏٺو آهي.
         ستين درجي جي رياضيءَ جي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ واري سنڌي ميڊيم واري ڪتاب ۾ هڪ جاءِ تي لکيل ڏٺم ته
” هيٺين کي ناطق عددن ۾ لکو.“
جيئن ته اهي عدد به ناطق عدد آهن،پر مٿين لکت مان ائين لڳي ٿو ته اهي عدد ناطق عدد نه آهن،پرجنهن شڪل يا صورت ۾ آڻي لکبا سا ناطق عدد هوندي.حقيقت ۾ جيئن ته اهي ناطق عدد ئي آهن.تنهنڪري لکت هيئن هجڻ گھرجي
”هيٺين ڏهائي اڻپور ناطق عددن کي عام اڻپور ناطق عددن ۾ مٽائي لکو.“ يا
”هيٺين ڏهائي اڻپور ناطق عددن کي عام اڻپورناطق عددن جي صورت ۾ لکو.“ يا
”هيٺين ڏهائي اڻپور ناطق عددن کي عام اڻپورناطق عددن جي شڪل ۾ لکو.“
             هن منهنجي ڪوشش جو مقصد ڪنهن تي به تنقيد ڪرڻ نه آهي،پر جيئن ته ان ڪم جي ضرورت آهي،ان مقصد لاءِ انهن ادارن تائين پهچڻ مشڪل آهي،اخبارن ۾ لکجي ته ان لاءِ وري انهن اخباري ايڊيٽرن جي مرهون منت ئي ٿي سگھندو،مون ان تي اڃا تائين اخبارن ۾ لکيو به نه آهي.انهن سڀني ڳالهين کي سامهون رکندي مون هي بلاگ شروع ڪيو آهي.ڇپائي جون غلطيون جيڪڏهن ذميوار ادارا صحيح ڪري ڇڏيندا ته سندن شڪر گذار رهندس. پر جيستائين اهي نون ايڊيشنس ۾ درست ٿين،استاد ۽ شاگرد هتان ئي مستفيد ٿي سگھن ٿا.
        باقي رياضيءَ جي بنيادي تصورن کي آسان ۽ سولي انداز ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب وڃان ٿو ته پوءِ ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي به سگھجي ٿو.
        هن بلاگ جون پوسٽون ڪنهن خاص ترتيب ۾ نه هونديون،پر جيئن ۽ جيڏي مهل ڪا ڳاله بيان ڪري سگھيس ته هڪ پوسٽ ۾ بيان ڪري ڇڏيندس.