پيش لفظ
مون کي ڪافي وقت کان اها ضرورت محسوس ٿيندي آهي ته رياضي جي بنيادي تصورن کي جيڪي پهرين درجي کان وٺي ڏهين درجي تائين جي سنڌي ميڊيم جي نصابي ڪتابن ۾ بيان ڪيل آهن،وڌيڪ آسان ڪري بيان ڪري سگھجي ٿو.ٻيو اهو ته رياضيءَ جي نصابي ڪتابن ۾ جيڪو ڇپائي جو غلطيون رهجي وڃن ٿيون،تن کي هتي بيان ڪري انهن جي تصحيح ڪريان. اهو به تمام ضروري آهي،ڇا ڪاڻ ته مون استادن کي انهن ڇپائي جي غلطين جي ڪري تمام گھڻو پريشان ٿيندي ڏٺو آهي.
ستين درجي جي رياضيءَ جي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ واري سنڌي ميڊيم واري ڪتاب ۾ هڪ جاءِ تي لکيل ڏٺم ته
” هيٺين کي ناطق عددن ۾ لکو.“
جيئن ته اهي عدد به ناطق عدد آهن،پر مٿين لکت مان ائين لڳي ٿو ته اهي عدد ناطق عدد نه آهن،پرجنهن شڪل يا صورت ۾ آڻي لکبا سا ناطق عدد هوندي.حقيقت ۾ جيئن ته اهي ناطق عدد ئي آهن.تنهنڪري لکت هيئن هجڻ گھرجي
”هيٺين ڏهائي اڻپور ناطق عددن کي عام اڻپور ناطق عددن ۾ مٽائي لکو.“ يا
”هيٺين ڏهائي اڻپور ناطق عددن کي عام اڻپورناطق عددن جي صورت ۾ لکو.“ يا
”هيٺين ڏهائي اڻپور ناطق عددن کي عام اڻپورناطق عددن جي شڪل ۾ لکو.“
هن منهنجي ڪوشش جو مقصد ڪنهن تي به تنقيد ڪرڻ نه آهي،پر جيئن ته ان ڪم جي ضرورت آهي،ان مقصد لاءِ انهن ادارن تائين پهچڻ مشڪل آهي،اخبارن ۾ لکجي ته ان لاءِ وري انهن اخباري ايڊيٽرن جي مرهون منت ئي ٿي سگھندو،مون ان تي اڃا تائين اخبارن ۾ لکيو به نه آهي.انهن سڀني ڳالهين کي سامهون رکندي مون هي بلاگ شروع ڪيو آهي.ڇپائي جون غلطيون جيڪڏهن ذميوار ادارا صحيح ڪري ڇڏيندا ته سندن شڪر گذار رهندس. پر جيستائين اهي نون ايڊيشنس ۾ درست ٿين،استاد ۽ شاگرد هتان ئي مستفيد ٿي سگھن ٿا.
باقي رياضيءَ جي بنيادي تصورن کي آسان ۽ سولي انداز ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب وڃان ٿو ته پوءِ ان کي ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي به سگھجي ٿو.
هن بلاگ جون پوسٽون ڪنهن خاص ترتيب ۾ نه هونديون،پر جيئن ۽ جيڏي مهل ڪا ڳاله بيان ڪري سگھيس ته هڪ پوسٽ ۾ بيان ڪري ڇڏيندس.
No comments:
Post a Comment